تهران – 9 اپريل (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا ڇنڇر کان عمان ۾ شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ خير سگالي جو مظاهرو ڪري ته نئين ايٽمي معاهدي تي اتفاق ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ بيان ۾ چئي . هن چيو ته ايران جو بنيادي مقصد آمريڪي پابندين کي ختم ڪرڻ آهي. 2018ع ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پابندين جو ٻيهر لاڳو ٿيڻ سان اسان جي معيشت کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڳالهين جي ڪنهن ٻي شڪل کي قبول نه ڪنداسين ، منهنجي خيال ۾ ڳالهين جو طريقڪار وڌيڪ اهم ناهي. جيڪا ڳالهه واقعي اهميت رکي ٿي اها ڳالهين جي اهميت آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا رضامندي ظاهر ڪري ته هڪ ڊيل ٿي سگهي ٿي، هاڻي بال آمريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي.