گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش فلسطين جي حوالي سان اختيار ڪيل رستي کي عالمي قانون ۽ تاريخ جي نظر ۾ مڪمل طور تي ناقابل برداشت قرار ڏيندي اسرائيل کان غزه تائين انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي پهچ جي ضمانت ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. عالمي اداري جي سربراهه پاران اها اپيل اسرائيل طرفان غزه ۾ ڪنهن به قسم جي امداد جي پهچ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي تائين روڪڻ کانپوءِ ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري جنرل غزه ۾ ٻيهر جنگ بندي ۽ سمورن اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. واضح رهي ته اسرائيلي ناڪابندي کانپوءِ 2 مارچ کان خوراڪ، ٻارڻ ، دوائون ۽ واپاري شيون غزه ۾ داخل نه ٿي سگهيون آهن ۽ داخلي رستن تي امدادي شين جا ڍير لڳل آهن، هن چيو ته امداد جي فراهمي معطل ٿيڻ سان غزه جا رهواسي شديد خوف ۾ مبتلا آهن. غزه هاڻي صرف هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي صرف ماڻهو مري سگهن ٿا، هن چيو ته غزه ۾ جنگ بندي سبب اتي انساني جانيون بچائڻ وارين انتهائي ضروري شين جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي هئي، جيڪا هاڻي ٻيهر هڪ مهيني کان بند آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران غزه لاءِ موڪليل امداد روڪڻ سان غزه ۾ موجود فلسطينين سان گڏوگڏ اتي موجود اسرائيلي يرغمالين جي اسرائيل ۾ موجود خاندانن لاءِ اميد ختم ٿيندي پئي وڃي اهو ئي سبب آهي جو اهي لڳاتار سمورن يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزادي، مستقل جنگ بندي ۽ علائقي تائين مڪمل انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي رسائي تي زور ڀري رهيا آهن. هن چيو ته غزه جي حوالي سان اسان کي عالمي قانون موجب پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي. هن جنيوا ڪنوينشن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن والاريل علائقي جي سموري آبادي يا ان جو ڪجهه حصو غذائي کوٽ جو شڪار هجي ته قابض طاقت ڄاڻايل آبادي کي امداد فراهم ڪندي ۽ انهن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪندي. هن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي دوران مارجي ويل امدادي ڪارڪنن کي انسان دوست هيرو قرار ڏيندي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومون جا ادارا ۽ شراڪتدار غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد لاءِ تيار ۽ پرعزم آهن. جڏهن ته اسرائيل امداد جي فراهمي کي روڪيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته غزه ۾ امداد جو هڪ ذرو به پهچي نه سگهي. هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به اهڙي انتظام ۾ حصو نه وٺنداسين جيڪو انسانيت، غير جانبداري ۽ آزادي جهڙي انساني اصولن جو مڪمل احترام نه ڪري. سيڪريٽري جنرل هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي اهلڪارن جي قتل جي آزاد تحقيق جو مطالبو ڪيو. هن بنيادي اصولن تي قائم رهڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪن ۽ جيڪڏهن اهي پورو نه ڪن ته انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا وٽ غزه جي صورتحال کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ختم ٿي سگهن ٿا جڏهن ته اسان ڪڏهن به سچائي کان پوئتي نه هٽنداسين. هن خبردار ڪيو ته والاريل اولهندي ڪناري جو هڪ ٻي غزه ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهيو آهي. اسرائيل پاران اختيار ڪيل رستو عالمي قانون ۽ تاريخ جي نظر ۾ مڪمل طور تي ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته غزه ۾ غير انساني سلوڪ کي ختم ڪيو وڃي، شهرين جي حفاظت ڪئي وڃي، يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي، جان بچائيندڙ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي جنگ بندي جي تجديد ڪئي وڃي.