پيانگ يانگ-09 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست طور اسان جي حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، چاهي آمريڪا ۽ ان جا ايشيائي اتحادي اسان کان ڪيترو به مطالبو ڇو نه ڪن. ميڊيا رپورٽن موجب اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ۽ سندس ڀيڻ ڪم يو جونگ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي ايٽمي هٿيارن واري رياست جي پوزيشن”ڪافي ۽ انتهائي مضبوط ايٽمي ڊيٽرنٽ“ سان گڏوگڏ دشمن لاءِ خطرو آهي ۽ اها پوزيشن تبديل ٿيڻ نه گهرجي، چاهي ڪيتري شدت سان ان کي رد ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي ڪنهن جي انڪار ۽ اعتراف جي پرواهه ناهي ۽ اسان ڪڏهن به پنهنجي ترجيح کي تبديل نه ڪنداسين، واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جاپان ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ اتر ڪوريا کي مڪمل طور تي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.