تاشقند – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ازبڪستان ۾ هوائي اڏي پهچڻ تي شاندار استقبال ۽ منهنجي پياري ڀاءُ وزيراعظم عبدالله اريپوف پاران شاندار آجيان ڪرڻ تي دلي خوشي ٿي. سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ازبڪستان وچ ايشيا جو تاج هجڻ جي ناطي پنهنجي قديم شهرن جي عظمت، لازوال فن ۽ شاندار فن تعمير جي تاريخ رکي ٿو. هن چيو ته هو واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي تعاون جي ذريعي دوستي جي رشتن کي سگهه ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پنهنجي مصروفيتن جو منتظر آهي.