تاشقند – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاشقند ۾ يادگار آزادي جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ازبڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريپوف پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. هي دورو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گڏيل تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي اجاگر ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد سان گڏ وزيراعظم محمد شهباز شريف يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي جيڪا ازبڪستان جي شاندار تاريخ ۽ خودمختياري طرف سفر جي علامت آهي. وزيراعظم ازبڪستان جي ترقي ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ساراهيندي ان جي پاڪستان جي آزادي ۽ ترقي جي جدوجهد سان هڪ جهڙائي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آزادي جي يادگار ازبڪ عوام جي حوصلي ۽ عزم جو واضح ثبوت آهي. پاڪستان ۽ ازبڪستان امن، خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. هي دورو اسان جي گڏيل قدرن ۽ روشن مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت جي عزم جو ورجاءُ آهي. يادگار جي دوري جي دوران وزيراعظم کي ازبڪ قوم جي 3000 سالا تاريخ ۽ ان جي هيروز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بعد ۾ وزيراعظم جي اعليٰ ازبڪ قيادت سان ملاقاتون ٿينديون جن ۾ واپار، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن ۽ اقتصادي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ زراعت، علائقائي رابطن، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿينديون جنهن سان پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو.