باڪو – 25 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي جي جديد مرڪز ”آسان خدمت“ جو دورو ڪيو ۽ عوامي ڀلائي جي ان سهولت جي جديد ماڊل کي ساراهيو. آسان خدمت مرڪز اچڻ تي آذربائيجان جي صدر جي نگراني هيٺ عوامي خدمت ۽ سماجي جدت جي رياستي ايجنسي (SAPSSI) جي چيئرمين الوي مهدييف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آسان خدمت شهرين جي آساني کي مٿانهون رکي موثر عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جي ڪري هڪ ناليوارو ادارو بڻجي چڪو آهي، اهو عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد ون اسٽاپ شاپ ماڊل آهي جنهن سان شهرين کي 400 کان وڌيڪ خدمتن تائين پهچ حاصل ٿئي ٿي جيڪي 30 سرڪاري ۽ 15 نجي ادارن پاران هڪ ئي ڇت هيٺ ميسر آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ”آسان خدمت“ جي شڪل ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي جي ان جديد ماڊل کي ساراهيو جنهن ٻين ملڪن جي لاءِ خدمتن جو هڪ اعليٰ معيار قائم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اسلام آباد ۾ ”خدمت مرڪز“ جي طرز جو هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان آذربائيجان سان معاهدو ڪري توهان جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن آسان خدمت جي هڪ ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. الوي مهدييف وزيراعظم کي ٻڌايو ته هي سروس صدر الهام عليوف جو تاريخي قدم آهي جنهن جي شروعات جامع اداراجاتي گورننس سڌارن جي حصي جي طور تي ڪئي وئي آهي ۽ جنهن جو مقصد شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هي ماڊل عوامي خدمتن جي شفاف، جوابده ۽ موثر فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڏني ويندڙ موبائيل آسان خدمت جنهن ۾ خصوصي طور تي تيار ڪيل بسون ۽ هڪ ٽرين شامل آهي، اڳ کان طئي ٿيل شيڊيول تي ڪم ڪن ٿيون جيڪي ضروري عوامي خدمتون سڌوسنئون مقامي ماڻهن تائين پهچائين ٿيون ۽ اهڙي طرح سڀني جي لاءِ شموليت ۽ پهچ کي يقيني بڻائين ٿيون. وزيراعظم صدر الهام عليوف جي بصيرت انگيز قيادت کي ساراهيو ۽ عوامي ڀلائي جي ان سهولت کي ساراهيو. وزيراعظم خدمت مرڪز ۾ قائم اسٽارٽ اپس جي فروغ جي لاءِ قائم سينٽر (INNOLAND) جو پڻ دورو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.