سرگوڌا – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مونا ريمائونٽ ڊپو جو دورو ڪيو. صدر کي گهوڙن جي نسل جي افزائش ۽ پاڪ فوج جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مونا ڊپو جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر کي مونا ڊپو ۾ موجود مختلف نسل جي گهوڙن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مونا ڊپو اٽڪل 150 سالا قديم ڊپو آهي. صدر آصف علي زرداري مونا ڊپو ۾ مختلف نسل جا گهوڙا ڏٺا. صدر ناياب نسل جي گهوڙن جي افزائش ۾ مونا ڊپو جي ڪردار کي ساراهيو.