حيدرآباد– 24 فيبروري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن روبينه خالد چيو آهي، ته حقدار عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ۽ ايجنٽ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هي بي بي شهيد جو پروگرام آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي بدديانتي قبول ناهي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي ڊائنامڪ رجسٽريشن آفيس شاهه بخاري ۽ بي نظير واڌ ويجهه پروگرام لطيف آباد جي دوري دوران ڪيو. هن چيو ته هي پروگرام 2008ع ۾ آصف علي زرداري شروع ڪيو هو ۽ اڄ هي عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي چڪو آهي. گذريل حڪومت هن پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جنهن کي الله سائين عزت ڏئي ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت حقدار عورتن جي رقم 10500 مان وڌائي 13500 روپيا ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ هو ته عورتن کي انهن جي قسط عزت ۽ احترام سان فراهم ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪٽوتي يا ڪنهن ٻئي مسئلي جو منهن ڏسڻو پوي ته هو فوري طور انتظاميه کي اطلاع ڏئي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت فائدو حاصل ڪندڙ عورتن جو انگ جلد هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويندو. ان کان علاوه عورتن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ بينظير هنرمند پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن عورتون هنر سکي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. هنرمند ٿيڻ کان پوءِ عورتن کي پروگرام مان فارغ ڪيو ويندو. سندن جاءِ تي حقدار عورتن کي شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته بينظير واڌ ويجهه پروگرام تحت حقدار عورتن کي حمل کان وٺي ٻار جي پيدائش جي 2 سالن تائين مالي معاونت فراهم ڪئي وڃي ٿي. ڪٽوتي جي مسئلن جي حل لاءِ هر حقدار عورت لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جنهن ذريعي هو پنهنجي رقم پاڻ ڪڍرائي سگهنديون، ان مقصد لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ جي شروعات جلد ڪئي ويندي. دوري دوران روبينه خالد بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙ عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان مسئلا پڇيا. عورتن انتظاميه جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيئر پرسن بينظير آفيس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو. دوري ۾ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، ڊائريڪٽر جنرل بي آءِ ايس پي ذوالفقار شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ به ساڻس گڏ هئا.