باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻي ڪاراباخ جنگ جي شهيدن ۽ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ يادگار فتح جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن يادگار فتح تي گلن جي چادر چاڙهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، سمنڊ پار پاڪستانيز ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ هئا.