باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات جي لاءِ زوولبا صدارتي مهل پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارتي محل اچڻ تي سندس اعزاز ۾ پروقار آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف صدارتي محل جي مرڪزي دروازي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو، وزيراعظم کي آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.