اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 24 فيبروري کان 25 فيبروري تائين جمهوريه آذربائيجان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مارچ 2024ع ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ آذربائيجان جو هي ٻيو دورو آهي. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جي ٻين اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو، جيڪو آذربائيجان سان ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. بيان موجب دوري دوران ٻئي ڌريون توانائي، واپار، بچاءَ، تعليم ۽ موسمياتي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر ڳالهيون ڪنديون. ان دوري دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ سهڪار جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن/ معاهدن تي صحيحيون ڪرڻ جي توقع آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا موجود آهن، جيڪي گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ پراڻن گڏيل مفيد سهڪار تي ٻڌل آهن. آذربائيجان پاڪستان جو اهم اقتصادي، اسٽريٽجڪ حصيدار آهي. جنهن سان ڪيترن ئي شعبن ۾ مضبوط تعاون آهي. توقع آهي، ته وزيراعظم جمهوريه آذربائيجان جي ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي جي سهڪار سان رٿيل بزنس فورم دوران هڪ اهم خطاب ڪندو. دوري دوران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر سان آزاد ڪرايل علائقن، ڪاراباخ جي خاص دوري جي هڪ حصي طور فزولي (ڪاراباغ) به ويندو. وزيراعظم پاران آذربائيجان جو دورو گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، وسيع تر اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل ترقي لاءِ حصيداري جون نيون راهون ڳولڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.