اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسڪائوٽس کي معاشري جي خدمت، اخلاقي قدرن ۽ شهري ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪائوٽ کي بحرانن ۽ روزاني جي زندگي ۾ خدمت جي لاءِ سدائين تيار رهڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسڪائوٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نوجوانن جي خودمختياري ۽ ڪردارسازي ۾ اسڪائوٽس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ اسڪائوٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسڪائوٽنگ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط ۽ سگهه پيدا ڪري ٿي، اسڪائوٽنگ نوجوانن کي معاشري جي خدمت ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. صدر خدمت کي اسڪائوٽنگ جو روح قرار ڏيندي چيو ته اسڪائوٽس کي گهرجي ته اهي تبديلي آڻڻ جي لاءِ هر اول دستو بڻجن، اسڪائوٽس وڻڪاري، خواندگي ۽ سماجي ڀلائي جي قدمن جي قيادت ڪن. صدر چيو ته اسڪائوٽس هڪ سرسبز، گهڻ پاسائُون ۽ ترقي پسند پاڪستان ٺاهڻ ۾ مدد ڪن، اڄ کنيل هر ننڍو قدم هڪ بهتر سڀاڻي جو بنياد آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسڪائوٽس همدرديءَ، موافقت، گڏيل احترام، ٽيم ورڪ، تعاون ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي چيف اسڪائوٽ جي حيثيت مون کي پنهنجي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد آهي، نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي راهه هموار ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اسڪائوٽس سکڻ ۽ قوم جي خدمت جو سفر جاري رکن.