ڪراچي – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صوبائي اسيمبلي ميمبر سهيل انور سيال جي رهائشگاهه پهتو ۽ سندس چاچي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سهيل انور سيال سان سندس چاچي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي. صدر ادب جي شعبي ۾ مرحوم ذوالفقار سيال جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مرحوم جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.