فيصل آباد-21 فيبروري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته نوجوان پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين ۽ محنت ۾ عظمت جي چوڻيءَ تي عمل ڪندي ان عزم ۽ يقين سان اڳتي وڌن ته نه صرف اوهان کي ڪجهه ٿيندو ۽ نه ئي وري اوهان جي ملڪ کي ڪجهه ٿيندو، ناڪاميءَ کان نه ڊڄو، ڇاڪاڻ ته ان سان نيون راهون کُلنديون. اهڙو اظهار هن جي سي وومن يونيورسٽي فيصل آباد جي پنجين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايجوڪيٽڊ هئڻ جو ڊگرين سان ڪو تعلق ناهي، جڏهن ته اوهان ڪنهن کي تعليم يافته چئو ٿا ته ان جو مطلب ڊگري ناهي. هن چيو ته زندگيءَ ۾ ڪو هڪ بنيادي اصول اختيار ڪريو ۽ ان تي هميشه عمل پيرا هجو، مثال طور اوهان کي ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائڻو ته پوءِ ان تي سڄي زندگيءَ لاءِ عمل ڪريو ۽ ڏسو اوهان جو سفر آسان ٿي ويندو. هن چيو ته موت برحق آهي ۽ زندگيءَ جو خاتمو هڪ نه هڪ ڏينهن ٿيڻو آهي، ان تي يقين رکندي زندگي جيئو ۽ـ ڀرپور زندگي جيئو ۽ هميشه والدين ۽ استادن جو احترام ڪريو. هن چيو ته مان به پنهنجي پُٽ کي چيو آهي ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، ان کي تنهنجي ضرورت ناهي پر توکي ان جي ضرورت آهي، ان لاءِ پاڪستان کي پنهنجو ملڪ سمجهي ان جي بهتريءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، عملي زندگيءَ ۾ وِک وِک تي ڪاميابي اوهان جا قدم چُمندي. تقريب ۾ 2785 شاگردياڻين کي ڊگريون ۽ نَون کي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊيز جي ڊگرين سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڪانووڪيشن ۾ مجموعي طور 91 شاگردياڻين ميڊلز حاصل ڪيا. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڪنول امين ڊينز، ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن، انتظامي عملدارن، شاگردياڻين ۽ سندن والدين سميت وڏو انگ موجود هو. هن چيو ته اسان جي ڪمپني او جي ڊي سي ملڪ کي اربين ڊالرن جو فائدو ڏنو آهي. 3 ملين بيرلز صرف انوويشنز ذريعي ٽيڪنالاجي ذريعي پيداوار وڌائي وئي آهي جنهن جي قيمت 250 ملين ڊالر بڻجي ٿي جڏهن ته آءِ ايم ايف جيڪو ساليانو پروگرام آهي اهو ان جو حصو آهي. هن چيو ته ڪالهه اوهان آڏو سمورا سائنسدان، سمورا جيولوجسٽ ويٺا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ اوهان کي ٻُڌايو ته ون ڪوارٽر آف دي آءِ ايم ايف پروگرام از ڪم آئوٽ آف ون لٽل انوويشن ان ون ڪمپني. هن چيو ته پاڪستان کي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن پروگرام جي ضرورت نه رهندي. اهڙيءَ طرح جون انوويشنز ٿينديون رهن، اهڙيءَ طرح ملڪ ترقي ڪندو رهي، اهڙيءَ طرح يونيورسٽين اندر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ ٿيندا رهن ۽ پنهنجا خواب کڻي ٻاهر نِڪرن ۽ ناڪاميءَ کان نه ڊڄن، جيڪو مان اوهان کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان اهو هي آهي ته ناڪاميءَ کان نه ڊڄو ۽ پنهنجو ڳاٺ اوچو ڪريو، دروازا کوليو، ٻاهر نڪرو منزل اوهان جو انتظار ڪري رهي آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ذهن ۾ يونيورسٽي، ٽيڪنالاجي، جدت جي حوالي سان بس هڪ ئي پيغام عزت جي زندگي آهي، هر پاڪستاني عزت سان، انا سان پنهنجي سيلف ريسپيڪٽ سان ٻاهر نڪري ان کي هي ڪانفيڊينس هجي ته هو پنهنجو پروگرام اوهان سامهون پيش ڪري. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته مهانگائيءَ جي شرح 40 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻ 3.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائيءَ جي شرح 38 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻ ڪاٽو تي هلي وئي. انٽريسٽ ريٽ 24 ۽ 25 سيڪڙو هو اهو 11-12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي ۽ هي سنگل ڊجيٽ ۾ ويندو ۽ـ ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان محبت ۽ احترام جو رشتو آهي، ان ۾ هڪ ٻه رويا ڪميونيڪيشن هلي رهيا آهن، جيڪڏهن هو مخالفن سان گڏجي اسان سان ڳالهيون ڪري ته به ڪو حرج ناهي. هن چيو ته هو قبر تائين پيڇو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن سان به ڊائلاگ ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان ڳالهه تي ڊائلاگ نه ٿيندو ته 190 ملين پائونڊز چوري تي معاف ڪيو وڃي. صدر ٽرمپ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته ٽرمپ ايندو ته هي ٿي ويندو هو ٿي ويندو، ٽرمپ اچي ويو پر ڪجهه به نه ٿيو پر جيڪي ٽوئيٽس هئا اهي به ڊليٽ ٿي ويا، ان ڪري ان معاملن کي ڌارين بدران پاڻ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند نٿا ڪري سگهجن.