راولپنڊي-21 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرڪ ۾ آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن ڪرڪ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا. ڪرڪ ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.