اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻ سينيئر انويسٽمينٽ گارنٽي آفيسر، مالياتي اداري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽس وچ ايشيا، ترڪيه ۽ پاڪستان لاءِ ايف آءِ جي پروڊڪٽس بزنس جي سربراهه دلاور باجوري جي سينيئر انڊر رائٽر ڏکڻ ايشا جي بزنس ڊولپمينٽ جي سربراهه جي ڪوون به ساڻس گڏ هئا. وفد ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي ڪردار تي روشني وِڌي ۽ ٻُڌايو ته ايجنسي مختصر مُدتي ڪريڊٽ گارنٽيز فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان عالمي مارلياتي ڪارپوريشن جي نجي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي. هن پاڪستان ۾ مالياتي ادارن ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽس جي حمايت لاءِ ايجنسي جي وابستگي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي اقتصادي امڪانن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي ايشيا ۾ پهرين منزل آهي. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان سيڙپڪاريءَ جي سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي سان ملڪ جي اقتصادي ۽ مالياتي شعبي جي ترقيءَ ۾ تعاون جي اُميد جو اظهار ڪيو. ڌُرين ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.