اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ڪالهه اسياد گروپ جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اسياد هولڊنگز جي سي اي او غسان العمودي، وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي چيئرمين زبير شيخ، وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي ايم ڊي ۽ سي اي او ۽ اسياد هولڊنگز جي سي ايف او ۽ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر جواد اختر شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ اسياد هولڊنگز ۽ وافي انرجي پاڪستان جي پاڪستان جي توانائي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن حڪومت جي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروباري دوستاڻي ماحول کي يقيني بنائڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. وفاقي وزير وفد کي العلا ڪانفرنس 2025ع لاءِ سعودي عرب جي پنهنجي هاڻوڪي دؤري جي باري ۾ بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ويزن 2030ع جي ذڪر جوڳي اڳڀرائي ۽ علائقائي اقتصادي تبديليءَ تي ان اثرن تي روشني وڌي. هن سعودي عرب جي اقتصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ۾ اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي منصوبن کي وڌائڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان اڳ ئي ان جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاريءَ جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ڊائون اسٽريم پيٽروليم سيڪٽر ۽ توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ تعاون جي پنهنجي ويزن کي شيئر ڪيو. وفد ناڻي واري وزير جي پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري سڌارن ۽ مستحڪم اقتصادي ماحول بڻائڻ جي عزم کي ساراهيو. ناڻي واري وزير پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ ۽ اهڙين پاليسين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي تجديد ڪئي جيڪا سيڙپڪاري، جدت ۽ پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏي.