اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ رٿابندي واري وزارت ۾ پاليسي بورڊ جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجي شعبي جي نمايان شموليت سان شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي اقتصادي رٿابنديءَ جي عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ 25 رڪني اعليٰ اختياراتي پاليسي بورڊ قائم ڪيو ويو. ان بورڊ ۾ صنعتي شعبي جي اڳواڻن، تعليمي ماهرن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته بدقسمتيءَ سان پاڪستان جو ترقياتي سفر بار بار رڪاوٽن جو شڪار رهيو آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان منصوبي جو مقصد ترقيءَ جي سفر کي هڪ ٺوس فريم ورڪ جو حصو بڻائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان جدت جي دؤر ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ملڪ وٽ ترقي جو جديد لائحه عمل آهي. هن وٽ ڪامياب ٿيڻ جا بهتر موقعا آهن. هن فائيو اِي فريم ورڪ جو ذڪر ڪندي چيو ته هي فريم ورڪ پاڪستان کي درپيش اهم چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بنايو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي ترقياتي سفر ۾ بنيادي خامي اها آهي ته اسان روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت نه بڻجي سگهياسين، جڏهن به اسان جي روانگي واپار ۾ واڌ ڪريون ٿا ته اسان آمدني واپار جي بار هيٺيان دٻجي وڃون ٿا. احسن اقبال ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معيشت جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته اڄ مائڪرو سافٽ کي انٽم ڪمپيوٽنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل آهي. سوال هي آهي ته اسان ڪيتري ترقيءَ سان ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معيشت بڻجي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان جي سماجي معيشت ڪمزور آهي ۽ اسان وٽ سماجي ترقيءَ جو ڪو به پيمانو ناهي، پوءِ اها تعليم هجي، صحت هجي يا آباديءَ ۾ واڌ جي شرح هجي. هن چيو ته سماجي معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ صوبن ڪيترائي فنڊز رکيا آهن، اسان جو ڪم ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته صوبن کي پنهنجي فنڊز کي استعمال ڪرڻ جي صحيح حڪمراني حاصل هجي. تعليم ۽ صحت ۾ تمام گهڻا فنڊز خرچ ڪيا ويا آهن پر ان ڳالهه کي ڪيئن يقيني بنائي سگهجي ته بجيٽ تي ٻَڌل نتيجا حاصل ٿين. هن چيو ته ترقيءَ لاءِ صرف ٻه رستا آهن، نجي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ڪرڻ ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ شامل آهن. هن چيو ته اسان وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ 8 شعبا زراعت، مينيوفيڪچرنگ، خدمتن، آءِ ٽي، افرادي سگهه، کاڻين جي کوٽائي، بليو اڪانومي ۽ تخليقي صنعتون آهن. هن چيو ته اسان کي انهن شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي.