اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته صرف هڪ جدت عيوض او جي ڊي سي ايل جي پيداوار ۾ 10 هزار بيرل تيل جي واڌ ٿي آهي، حڪومت ادارن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هڪ فسادي ٽولي اهو ڪم بڻائي ورتو آهي ته ادارن جا سربراهه جڏهن پرڏيهه وڃن ته احتجاج ڪرڻو آهي، صرف عوام کي فائدو ڏيندڙ ادارا ۽ وزارتون رهنديون. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صرف هڪ جدت عيوض او جي ڊي سي ايل جي پيداوار ۾ 10 هزار بيرل تيل جي واڌ ٿي آهي، جيڪڏهن 4 ڪمپنيون ان جدت کي اختيار ڪن ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جي ضرورت نه رهندي. وفاقي وزير چيو ته نئين ٽيڪنالاجيءَ سان خاموش انقلاب اچي رهيو آهي، 250 ملين ڊالر جي جدت ٿي آهي. شلمبرجر هڪ پرائيويٽ سيڪٽر ڪمپني آهي جيڪا پاڪستان ۾ بهتري ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ترقي ۽ عوام جي ڳالهه ڪريون ٿا، جڏهن عالمي ڪمپنيون پاڪستان اينديون ته پاڪستان جي نوجوانن کي نوڪريون ملنديون، غير ضروري قانونن جنهن سان عوام کي دربدر ٿيڻو پوي ٿو اهو ختم ڪري رهيا آهيون. حڪومت ادارن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ڊائون سائزنگ ڪري رهيا آهيون، صرف عوام کي فائدو ڏيندڙ ادارا ۽ وزارتون رهنديون. وفاقي وزير چيو ته ڇا اهو ڪرڻ درست آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکون ته پاڪستان کي برباد ڪري، ڇا هي اوهان (ن) ليگ خلاف ڪم ڪري رهيا آهيون يا پنهنجي ملڪ خلاف ڪري رهيا آهيون. آمريڪي ڪانگريس ۾ جيڪا قرارداد پيش ڪئي وئي اها پاڪستان خلاف آهي، صرف هڪ شخص جي انا لاءِ ملڪ کي برباد ڪرڻ لاءِ تيار آهن.