اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته توانائي، ٽيڪسيشن، ايس او ايز ۽ پبلڪ فنانس سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي. پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ طبقي تي ٽيڪسن جو بار غير متناسب آهي. زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي. اسلام آباد چيمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته محصول وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سگهه کي بهتر بڻائڻو آهي. هن چيو ته توانائي، ٽيڪسيشن، ايس او ايز ۽ پبلڪ فنانس سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي. ان تحت مقداري ۽ ڍانچه جاتي بينچ مارڪ هوندا آهن، ڍانچه جاتي بينچ مارڪ جي سلسلي ۾ قومي مالياتي معاهدي تي صحيحون ٿيون چڪيون آهن. ڪي پي ڪي کانپوءِ سنڌ به زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان اڳڀرائي ڪئي آهي. بلوچستان به ان سلسلي ۾ قدم کڻندو. هن چيو ته ڪٿان اسان کي شروعات ڪرڻي پوندي، پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي تي ٽيڪسن جو بار غير متناسب آهي، جيڪڏهن ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ڪئي وڃي ته اها بار برابر ٿي ويندي. زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان اڳڀرائي سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان 6 مهينن جي جائزي ۾ پاڪستان سٺي حالت ۾ هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ سازي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، واپارين ۽ـ سيڙپڪارن لاءِ تجويزون ورتيون پيون وڃن. 7 فيبروريءَ تائين سمورن چيمبرز ۽ وزارتن ۽ ڊويزنن کان تجويزون ۽ سفارشون طلب ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هو پاڻ مختلف چيمبرز ۾ ويندو ۽ سموريون تجويزون وٺندون. پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ آهي، ان پروگرام موجب ان تجويزن ۽ سفارشن جو جائزو ورتو ويندو.