روم- 07 آگسٽ (اي پي پي) اٽلي جي حڪومت ملڪ جي سمورن وڏن شهرن لاءِ شديد گرمي جو اعليٰ ترين الرٽ ”ريڊ الرٽ“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت واري وزارت جي نگراني هيٺ 27 وڏن شهرن ۾ اها تنبيهه جاري ڪئي وئي، جتي گرمي پد مسلسل 35 ڊگري سيلسيس کان وڌي رهيو آهي. روم جي حڪومت ان وقت ريڊ الرٽ جاري ڪيو جڏهن شديد گرمي سان گهم …
اٽلي جي سمورن وڏن شهرن لاءِ شديد گرمي جو ”ريڊ الرٽ“ جاري
روم- 07 آگسٽ (اي پي پي) اٽلي جي حڪومت ملڪ جي سمورن وڏن شهرن لاءِ شديد گرمي جو اعليٰ ترين الرٽ ”ريڊ الرٽ“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت واري وزارت جي نگراني هيٺ 27 وڏن شهرن ۾ اها تنبيهه جاري ڪئي وئي، جتي گرمي پد مسلسل 35 ڊگري سيلسيس کان وڌي رهيو آهي. روم جي حڪومت ان وقت ريڊ الرٽ جاري ڪيو جڏهن شديد گرمي سان گهم جي بلند سطح به شامل ٿي وئي. ان جو مطلب آهي ته صحت لاءِ وڏو خطرو رڳو بزرگ ماڻهن تائين محدود ناهي پر صحتمند ماڻهو ۽ جسماني سرگرميون ڪندڙ ماڻهو به ان سبب متاثر ٿي سگهن ٿا.











