رياض- 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون تي وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري بيان ۾ چيو ويو ته فرانس جي صدر سعودي ولي عهد سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جو جائزو ورتو ويو. انهن ڪوششن جو مقصد …
سعودي ولي عهد ۽ فرانس جي صدر جو رابطو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
رياض- 07 آگسٽ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون تي وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري بيان ۾ چيو ويو ته فرانس جي صدر سعودي ولي عهد سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جو جائزو ورتو ويو. انهن ڪوششن جو مقصد خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائڻ، فريڊم آف نيويگيشن ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو جائزو ورتو. ٻه طرفه لاڳاپن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار جي شعبن ۽ انهن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي طريقن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.











