ٿائيلينڊ اسڪول ۾ فائرنگ سبب 7 مارجي ويا، 15 زخمي ٿي ويا

بينڪاڪ- 07 آگسٽ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي صوبي نونٿابوري جي هڪ اسڪول ۾ فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا صوبائي ڊيزاسٽر پريونشن اينڊ مٽيگيشن آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 3 استاد، 3 شاگرد ۽ هڪ حملو ڪندڙ شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب حملو ڪندڙن کي ٽريڪ سوٽ پهريل هئا، جن اسڪول اندر ڪيتريون ئي گوليون هلايون …

بينڪاڪ- 07 آگسٽ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي صوبي نونٿابوري جي هڪ اسڪول ۾ فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا صوبائي ڊيزاسٽر پريونشن اينڊ مٽيگيشن آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 3 استاد، 3 شاگرد ۽ هڪ حملو ڪندڙ شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب حملو ڪندڙن کي ٽريڪ سوٽ پهريل هئا، جن اسڪول اندر ڪيتريون ئي گوليون هلايون جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو نشانو بڻيا. واقعي کانپوءِ امدادي ٽيمن ۽ سيڪورٽي اهلڪارن پهچي ڪري زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.