قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر خميس ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران آمريڪي ناظم الامور نار تڪرار ۾ پاڪستان جي …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر خميس ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران آمريڪي ناظم الامور نار تڪرار ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪردار کي به قابلِ تحسين قرار ڏنو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعميري سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار اڳتي به جاري رکندو. ملاقات ۾ ڌُرين قانون جي شعبي سميت پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين شعبن ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي به ورجايو.