حنيف عباسيءَ پاران واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 12 حمايت يافته فتنه الخوارج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري سيڪيورٽي فورسز عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته اسان …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الهندستان جي 12 حمايت يافته فتنه الخوارج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري سيڪيورٽي فورسز عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيت ۽ بي مثال قرباني جي جذبي سان دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن ۽ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.