پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران ميڊيا جي پيشيواراڻي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد

اسلام آباد - 06  آگسٽ (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ميسرو جي تعاون سان ميڊيا جي پيشيواراڻي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو جنهن جو مقصد موسمياتي تبديلي بابت رپورٽنگ کي مضبوط بڻائڻ ۽ موسمياتي چئلينجز بابت عوامي آگاهي ۾ اضافو ڪرڻ هو. “موسمياتي تبديلي بابت صحافت کي مضبوط بڻائڻ: موسمياتي موافقت، گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جا خطرا (جي ايل او ايف)، …

اسلام آباد – 06  آگسٽ (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ميسرو جي تعاون سان ميڊيا جي پيشيواراڻي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو جنهن جو مقصد موسمياتي تبديلي بابت رپورٽنگ کي مضبوط بڻائڻ ۽ موسمياتي چئلينجز بابت عوامي آگاهي ۾ اضافو ڪرڻ هو. “موسمياتي تبديلي بابت صحافت کي مضبوط بڻائڻ: موسمياتي موافقت، گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جا خطرا (جي ايل او ايف)، ٻوڏ، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ميڊيا جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ” جي عنوان سان منعقد ورڪشاپ ۾ مختلف ادارن سان تعلق رکندڙ صحافين، رپورٽرز، اينڪر پرسنز ۽ ٻين ميڊيا پروفيشنلز شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت عوامي آگاهي وڌائڻ ۽ ماحولياتي معاملن تي ذميواراڻي رپورٽنگ جي فروغ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته موسمياتي خطرن بابت موثر آگاهي ۽ قومي سطح تي لچڪ پيدا ڪرڻ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي تيارين کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ذميواراڻي، ثبوتن تي ٻڌل صحافت لازمي آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ان لاءِ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ جا خطرا (گلاف)، اوچتو ايندڙ ٻوڏ، هيٽ ويوز ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ ٻين آفتن بابت وقت سر، صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ماهرن موسمياتي موافقت، ٻوڏ جي خطرن، شروعاتي تنبيهه نظام ۽ آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي پريزنٽيشنز ڏنيون. هنن ماحولياتي هنگامي صورتحال جي رپورٽنگ جي بهترين طريقن تي پڻ روشني وڌي ۽ صحافين کي سائنسي معلومات صحيح ۽ موثر انداز ۾ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ عملي رهنمائي فراهم ڪئي. شرڪت ڪندڙن صحافين سان موسمياتي معاملن جي رپورٽنگ دوران ميڊيا کي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ صحافين ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو. ورڪشاپ ۾ مختلف ميڊيا ادارن سان تعلق رکندڙ صحافين، اينڪر پرسنز ۽ ريسورس پرسنز شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل، انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ هوم پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عائشه تصدق تربيتي ورڪشاپ ڪاميابي سان مڪمل ڪندڙ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.