آمريڪي صدر ملڪ ۾ پيدائش جي بنياد تي ملندڙ شهريت محدود ڪرڻ لاءِ ٻن نون حڪمن تي صحيحي ڪري ڇڏي

واشنگٽن- 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ پيدائش جي بنياد تي ملندڙ شهريت محدود ڪرڻ لاءِ ٻن نون صدارتي حڪمن تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ حڪم تحت غير شهري والدين جي آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي خودڪار آمريڪي شهريت نه ملي سگهندي، ٻئي حڪم ذريعي ”برٿ ٽووارزم“ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڳورهاريون عورتون ٻارن جي پيدائش …

واشنگٽن- 07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ پيدائش جي بنياد تي ملندڙ شهريت محدود ڪرڻ لاءِ ٻن نون صدارتي حڪمن تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ حڪم تحت غير شهري والدين جي آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي خودڪار آمريڪي شهريت نه ملي سگهندي، ٻئي حڪم ذريعي ”برٿ ٽووارزم“ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڳورهاريون عورتون ٻارن جي پيدائش لاءِ آمريڪا اچن ٿيون ته جئين انهن کي هتي جي شهريت ملي سگهي. آمريڪي صدر چيو ته اهو قدم پهريان کڻڻ گهرجي ها. وائيٽ هائوس موجب ان جو مقصد پيدائشي شهرين جي قانون جي مبينا غلط استعمال جي روڪٿام آهي. ٻئي پاسي مائيگريشن پاليسي انسٽيٽيوٽ موجب هر سال 22 هزار کان 26 هزار ٻار ”برٿ ٽووارزم“ ذريعي آمريڪا ۾ پيدا ٿين ٿا.