بيجنگ- 07 آگسٽ (اي پي پي) هلندڙ سال جي 6 ماهي ۾ چين ۾ مقررر ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي مجموعي اقتصادي ڪارڪردگي مستحڪم رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جمعي ڏينهن چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت جي جاري انگ اکرن مطابق هلندڙ سال جي پهرين 6 ماهي ۾ چين جي ننڍن ۽ وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي مجموعي اقتصادي ڪارڪردگي مستحڪم …
هلندڙ سال جي 6 ماهي ۾ چين ۾ مقرر ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ننڍي ۽ وڏي وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي مجموعي اقتصادي ڪارڪردگي مستحڪم رهي
بيجنگ- 07 آگسٽ (اي پي پي) هلندڙ سال جي 6 ماهي ۾ چين ۾ مقررر ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي مجموعي اقتصادي ڪارڪردگي مستحڪم رهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جمعي ڏينهن چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت جي جاري انگ اکرن مطابق هلندڙ سال جي پهرين 6 ماهي ۾ چين جي ننڍن ۽ وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي مجموعي اقتصادي ڪارڪردگي مستحڪم رهي. اهم اهڃاڻن جي ڀيٽ ۾ تيز رفتار اضافو ٿيو ۽ ڪاروباري ادارن جي منافعي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي. پهرين 6 ماهي ۾ مقرر ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ۽ وچولي درجي جي صنعتي ادارن جي اضافي قدر ۾ گذريل سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 5.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ان ئي عرصي ۾ انهن ادارن جي ڪاروباري آمدني ۾ 7.7 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 2023ع کانپوءِ ان ئي مدي جي بلند ترين سطح آهي، جڏهن ته منافعي ۾ 16.9 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو 2022ع کانپوءِ انهي مدي جي بلند ترين سطح آهي. انگ اکرن مطابق جون ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن جي روانگي واپاري جي شرح 52.8 سيڪڙو رهي.











