اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واشنگٽن ڊي سي ۾ مسافر جهاز ۽ فوجي هيليڪاپٽر جي ٽڪرائڻ جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن مشڪل ۾ اسان جون همدرديون ۽ دعائون صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام سان گڏ آهن. وزيراعظم انهن خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو جن انهي واقعي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. وزيراعظم حادثي ۾ بچي ويندڙن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.