اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان آپريشن ۾ 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر حمزه اسرار ۽ سپاهي محمد نعيم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران ٻن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم پڪو رهندو. هن فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.