اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان بي جي آءِ جينومڪس گروپ (ڏکڻ ايشيا) جي وفد ڊاڪٽر وانگ جيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي، جينومڪس ۽ زرعي شعبي ۾ تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته زراعت جي شعبي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻطرفو سهڪار ۽ تحقيق اڻٽر آهي، بي جي آءِ سان گڏجي جديد جينياتي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ فصلن کي موسمي اثرن کان محفوظ بڻائي سگهبو. هن چيو ته بي جي آءِ سان تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته زرعي شعبو وڏي اهميت وارو آهي، موجوده حڪومت ان شعبي جي ترقي ۽ بهتري جي اثرائتي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحقيقي سرگرمين جا نتيجا ۽ جديد ٽيڪنالاجي هارين تائين پهچائي نه صرف پيداوار وڌائي سگهجي ٿي پر غربت ۾ به نمايان گهٽتائي اچي سگهجي. هن چيو ته بي جي آءِ ۽ ٻين عالمي حصيدارن سان گڏجي زرعي شعبي جي ترقي بهتري لاءِ پرعزم آهيون. هن بي جي آءِ گروپ جو پاڪستان آمد تي آجيان ڪندي چيو ته ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان زرعي شعبي ۾ جدت ايندي.