اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي انگولا، جميڪا، لڪسمبرگ، يوراگوئي ۽ مالٽا جي غيرمقيم سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ پروقار تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انگولا جي نامزد سفير جوليو بيلارمينو گومس مائيٽو کان سند وصول ڪئي. جميڪا جي نامزد سفير آرٿر وليمز، لڪسمبرگ جي نامزد سفير رونالڊ ريلينڊ، يوراگوئي جي نامزد سفير بيرالڊو روڪي نڪولا فلانيگين ۽ مالٽا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ريمنڊ بونڊن پڻ صدر کي سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن جي آجيان ڪندي صدر آصف علي زرداري نامزد سفيرن کي پاڪستان ۾ انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.