اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اليڪٽرانڪ ڪرائيمز جي روڪٿام (ترميمي) بل 2025ع (پيڪا) جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيجيٽل نيشنل پاڪستان بل 2025ع جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين (ترميمي) بل 2025ع جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.