اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي صدر شي جن پنگ، چيني عوام ۽ پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين کي چين جي نئين سال جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چين جي نشاته ثانيه 21هين صديءَ جي انتهائي اهم موقعن مان هڪ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جو لازوال رشتو ترتيبوار مضبوط تر ٿي رهيو آهي، اسان جا لاڳاپا هاڻي جامع اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. چين جي نئين سال جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدر شي جن پنگ، چين جي ڀائر عوام ۽ پاڪستان ۾ موجود چيني دوستن کي نئين سال جي خوشي جي موقعي تي دل سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين جو نشاته ثانيه 21هين صدي جي انتهائي اهم موقعن مان هڪ آهي، گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران چين جو ترقي جو سفر چين جي قيادت خاص طور تي چيني صدر شي جن پنگ جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو واضح ثبوت آهي، چين جي ڪاميابي جي ڪهاڻي اسان کي تحريڪ ۽ محنت جي ترغيب ڏي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جو هڪ لازوال رشتو آهي جيڪو آهستي آهستي مضبوط تر ٿي رهيو آهي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل خواهشن سان واڳيل اسان جا ويجها لاڳاپا هاڻي هڪ جامع اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، اهو مضبوط ڀائيچارو بدستور پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي. هن چيو ته چيني نئون سال تجديد، تبديلي ۽ نئين شروعات جي واعدي جي علامت آهي. ان موقعي تي ماڻهو پنهنجي خاندانن ۽ دوستن سميت روايتي کاڌن، تحفظن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ايندڙ سال جي لاءِ آسائشن کي مدعو ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿين ٿا. وزيراعظم چيو ته هلندڙ چيني سال جي علامت ”نانگ“ حڪمت جي علامت آهي جيڪا اسان کي مشڪلاتن مان اڀرڻ جي قوت ۽ گڏيل طاقت جو سبق ڏي ٿي، اسان جي گهري ۽ پائيدار دوستي جي ڪري پاڪستان ۽ چين هڪ بهتر دنيا جي لاءِ پنهنجي پختي عزم ۾ متحد آهن، اسان گڏجي عالمي امن، خوشحالي ۽ هم اهنگي جي لاءِ بامعنيٰ حصيداري ڪندا رهنداسين. وزيراعظم دعا ڪئي ته هي سال اسان جي ٻن عظيم قومن جي لاءِ خوش نصيبي ۽ مسلسل ڪاميابيون آڻي ۽ اسان جي عوام جي وچ ۾ مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪري. هن چيو ته گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪستان ۽ چين گڏ آهن.