اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جسٽس مسرت هلالي جو عدالتي سفر جرائت، استقامت ۽ انصاف سان پُختي وابستگيءَ تي ٻَڌل آهي، سندس ڪيريئر نه صرف اهم عهدن تي رهڻ ۽ ڪيترين ئي رڪاوٽن کي پار ڪرڻ ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪرڻ جي حوالي سان به قابلِ ذڪر آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مسرت هلالي …
جسٽس مسرت هلالي جون عدالتي خدمتون جرائت، استقامت ۽ انصاف سان وابستگيءَ جو اظهار آهن: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جسٽس مسرت هلالي جو عدالتي سفر جرائت، استقامت ۽ انصاف سان پُختي وابستگيءَ تي ٻَڌل آهي، سندس ڪيريئر نه صرف اهم عهدن تي رهڻ ۽ ڪيترين ئي رڪاوٽن کي پار ڪرڻ ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪرڻ جي حوالي سان به قابلِ ذڪر آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مسرت هلالي عهدو ڇڏڻ جي موقعي تي رٿيل فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جسٽس مسرت هلالي عدليه ۾ اچڻ کان اڳ وڪالت جي شعبي ۾ به غير معمولي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ اصولي قيادت جو مظاهرو ڪيو. چيف جسٽس چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن قانوني شعبي ۾ عورتن جي قيادت جي عهدن تي نمائندگي نهايت گهٽ هئي. جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پهرين عورت سيڪريٽري چونڊجي وئي، هوءَ ٻه ڀيرا ان بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ۽ ٻه ڀيرا سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ميمبر پڻ رهي. هن چيو ته اهي اعزاز صرف ذاتي ڪاميابيون نه هيون پر قانوني برادريءَ ۾ جسٽس مسرت هلالي کي حاصل اعتماد ۽ احترام جو اظهار هيون. چيف جسٽس چيو ته جسٽس مسرت هلالي جو قائداڻو ڪردار ۽ جذبو سرڪاري خدمتن دوران به جاري رهيو. هوءَ ڪي پي ڪي جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تي رهندڙ پهرين پاڪستان جي عورت وڪيل بڻي. بعد ۾ هن ڪي پي ڪي ماحولياتي تحفظ ٽربيونل جي چئيرپرسن ۽ عورتن جي هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب طور به ڪم ڪيو. هن چيو ته انهن سمورن عهدن تي جسٽس مسرت هلالي ان لڳن، جذبي، ديانتداري ۽ ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو جيڪو سندس پوري پيشيوراڻي ڪيريئر جي سُڃاڻپ رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته عدليه ۾ مقرريءَ کان پوءِ جسٽس مسرت هلالي جي ڪيريئر ۾ هڪ ٻئي شاندار باب جو واڌارو ٿيو، هوءَ پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين چيف جسٽس عورت بڻجي وئي ۽ پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل رقم ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جسٽس مسرت هلالي جو ڪيريئر خاص ڪري نوجوان وڪيلن ۽ عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن ثابت ڪيو ته محنت، ديانتداري ۽ لڳن سان پيشيوراڻو سفر جاري رکيو وڃي ته ڪوبه عهدو ناقابل رسائي ناهي. چيف جسٽس، جسٽس مسرت هلالي کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي برادر ۽ ڀيڻ ججز، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آفيسرن، عملي ۽ پوري عدالتي برادريءَ طرفان اوهان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل ساراهه جوڳين خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته زندگيءَ جي نئين باب ۾ داخل ٿيندي الله تعاليٰ جسٽس مسرت هلالي کي صحت، دائمي خوش، سڪون ۽ اطمينان عطا فرماءِ ۽ انصاف ۽ ملڪ لاءِ سندس زندگيءَ ڀر خدمتن جو اجر عطا فرماءِ.









