سنڌ حڪومت پاران آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم ذريعي نوجوانن لاءِ لائيو ڪيريئر ڪائونسلنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم ذريعي نوجوانن لاءِ لائيو ڪيريئر ڪائونسلنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هلندڙ مهيني کان مختلف صنعتن سان لاڳاپيل ماهر نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي شروعات ڪندا. آءِ ورڪ فار سنڌ جي لرن اينڊ ارن پليٽ فارم …

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم ذريعي نوجوانن لاءِ لائيو ڪيريئر ڪائونسلنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هلندڙ مهيني کان مختلف صنعتن سان لاڳاپيل ماهر نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي شروعات ڪندا. آءِ ورڪ فار سنڌ جي لرن اينڊ ارن پليٽ فارم ذريعي هينئر تائين 4935 ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2735 ماڻهن مختلف ڪورسز مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ 2000 ماڻهو اڃا به ڪورسز ڪري رهيا آهن. لرن اينڊ ارن پروگرام تحت 1200 کان وڌيڪ عالمي معيار جا مختصر ڪورسز سيکاريا ويندا.ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ نوجوانن کي روزگار سان گڏ جديد مهارتن سان به ڳنڍي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جو پائلٽ پروجيڪٽ آءِ ورڪ فار سنڌ نوجوانن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ هڪ جامع نظام بڻجي چڪو آهي. تبديل ٿيندڙ عالمي روزگار جي منظرنامي ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم تي مسلسل وڌندڙ عوامي شموليت سنڌ جي نوجوانن طرفان ڀرپور موٽ ملڻ جو ثبوت آهي. پليٽ فارم تي 51 لک کان وڌيڪ وزٽس ٿي چڪا آهن، هڪ لک 19 هزار اميدوار رجسٽرڊ آهن، 16 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته 695 ڪمپنيون پليٽ فارم جو حصو بڻجي چڪيون آهن، جيڪي نوجوانن ۽ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيون آهن.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم ذريعي هينئر تائين 16 هزار 200 کان وڌيڪ فعال روزگار جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي 23 هزار 400 کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا آءِ ورڪ فار سنڌ تي پوسٽ ڪيا ويا آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد روزگار جا موقعا ڊجيٽل ذريعن سان نوجوانن تائين پهچائڻ ۽ کين جديد معيشت جي گهرجن مطابق تيار ڪرڻ آهي. آءِ ورڪ فار سنڌ روزگار، مهارتن ۽ موقعن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.