اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي جديد گُهرجن سان هم آهنگ ڪيل آفيس ڪامپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي قدم ادارا جاتي، جديد ڪاري، انتظامي سڌارن ۽ پارليامينٽ جي سگهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ان ويزن جي تڪميل طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو …
سينيٽ چيئرمين جديد گُهرجن سان هم آهنگ سينيٽ سيڪريٽريٽ آفيس ڪامپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي جديد گُهرجن سان هم آهنگ ڪيل آفيس ڪامپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي قدم ادارا جاتي، جديد ڪاري، انتظامي سڌارن ۽ پارليامينٽ جي سگهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ان ويزن جي تڪميل طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته مضبوط جمهوري ادارن لاءِ جديد نظام، مؤثر بنيادي ڍانچي ۽ پيشيوراڻو ماحول اڻٽر آهي. هن چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ جي جديد ڪاري وسيع تر سڌارا جاتي ايجنڊا جو حصو آهي جنهن جو مقصد ادارا جاتي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ، خدمتن جي فراهميءَ کي بهتر بڻائڻ ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي پارليامينٽ کي آئيني ذميدارين جي ادائگيءَ ۾ مؤثر معاونت لاءِ سهولتون ۽ صلاحيت سان تيار ڪرڻ آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هي منصوبو جدت، پائيداري ۽ عوامي وسيلن جي محتاط ۽ دانشمنداڻي استعمال لاءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته نئين تعميرات بدران ان قدم ۾ مؤثر منصوبا بنديءَ ذريعي موجوده بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ ان جي بهترين استعمال تي توجهه ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ آفيسن جي فعاليت ۾ واڌ، ڪم جي هنڌن جي انتظام ۾ بهتري ۽ ادارا جاتي سگهه ۾ واڌ آهي. ان قدمن تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ پهريون ڀيرو رنگ روغن ڪيل آفيس ڪامپليڪس ۾ جديد ترين، ويري ايبل ريفريجرنٽ فلو ايئرڪنڊيشننگ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. جديد فريش ايئر آڪسيجينيشن فيچر سان تيار هي نظام مسلسل تازي ۽ آڪسيجن سان ڀرپور هوا جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي ٿو، جڏهن ته بهترين توانائيءَ جي بچت، گرمي پد تي درست ڪنٽرول ۽ اندروني هوا جي معيار ۾ بهتري فراهم ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ آفيسر ۽ عملي لاءِ وڌ کان وڌ صحتمند، آرامده ماحول ميسر اچي ٿو. منصوبا بندي تحت موجود آفيس لي آئوٽ کي به بهتر بڻايو ويو آهي جنهن سان عمارت جي مجموعي ايراضيءَ ۾ مجموعي واڌ کان بنا سمارٽ ۽ اضافي دفتري جڳهه پيدا ڪئي وئي آهي. سينيٽ چيئرمين منصوبا مئنجمينٽ ٽيم، انجنيئرز، آرڪيٽيڪس، ڪنسلٽنٽس ۽ سي ڊي اي جي عملي سميت سمورن ماڻهن جي خدمتن کي ساراهيو جن پيشيوراڻي مهارت، لڳن سان ڪيل منصوبا بندي ان منصوبي کي ڪامياب تڪميل تائين يقيني بڻايو.










