قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ملڪ محمد عامر ڊوگر سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ کي حڪومت سان ڳالهين جي بحالي يا ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪابه دعوت يا تجويز نه ڏني: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق واضح ڪيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد عامر ڊوگر سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ کي حڪومت سان ڳالهين جي بحالي يا ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪا دعوت يا تجويز ناهي ڏني، ان ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري به موجود هو.  قومي اسيمبليءَ جي ايندڙ …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق واضح ڪيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد عامر ڊوگر سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ کي حڪومت سان ڳالهين جي بحالي يا ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪا دعوت يا تجويز ناهي ڏني، ان ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري به موجود هو.  قومي اسيمبليءَ جي ايندڙ اجلاس بابت معاملن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن واضح ڪيو ته ملاقات دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي بحالي يا شروعات جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه يا تجويز غور هيٺ نه آئي. جمعي ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته هن ٻنهي سان صرف يومِ آزاديءَ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندڙ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جا نالا گُهرايا، هن واضح ڪيو ته ان کان علاوه ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي. اسپيڪر چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ملڪ محمد عامر ڊوگر وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته ان باري ۾ کيس ڪا خبر ناهي. اسپيڪر چيو ته هن ماضيءَ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ بار بار ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ڳالهين جي دعوت ڏني، جڏهن ته هاڻ هن ڳالهين لاءِ دعوت ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. هن چيو ته ڳالهين جي دعوت ڏيندي ٿڪجي پيو آهيان، هاڻ مون ڳالهين لاءِ چوڻ ڇڏي ڏنو آهي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف به ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا مخالف ڌر کي پارليامينٽ جي فلور تي ڳالهين جي دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته هر مسئلي جو حل آخرڪار گڏجي ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي جنهن سان ئي نتيجا نڪري سگهن ٿا. جڏهن ته صرف ميڊيا ۾ بيان ڏيڻ سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته ڳالهين لاءِ ميز تي ويهڻ ضروري آهي، ماضيءَ ۾ سياسي ڳالهين جي حوالي سان قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي بابت سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته جن مخالف ڌر جي ميمبرن جي مؤقف جي نتيجي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي انهن اڃا تائين ان ڪميٽيءَ جي بحاليءَ لاءِ ساڻس ڪو رابطو نه ڪيو. اسپيڪر چيو ته ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چونڊ ان توقع سان ڪئي هئي ته هو ڳالهيون ڪندا، جڏهن ته شايد کين ڳالهين جي اجازت نه ڏني وئي.