اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) سرڪاري حج اسڪيم تحت حج درخواستن جو انگ 86500 تائين پهچي ويو آهي، پهرين حج اڏام پهرين ذوالقعد تي رواني ٿيندي، جاري حج تربيت جو پهريون مرحلو 27 فيبروري تي ختم ٿيندو جڏهن ته تربيت جو ٻيو مرحلو رمضان المبارڪ کانپوءِ به آخري حج اڏام تائين جاري رهندو. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سرڪاري حج اسڪيم تحت گهربل هدف اٽڪل پورو ٿي ويو آهي، اميد آهي ته هڪ يا ٻن ڏينهن کانپوءِ درخواستن جي وصولي روڪي ويندي، هاڻي تائين وصول ٿيل درخواستن جو انگ 86500 تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته حج تربيت جو پهريون مرحلو 27 فيبروري تائين هلندو، رمضان المبارڪ کانپوءِ حج تربيت جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو. هن چيو ته پهرين ذوالقعد يا 30 شوال کان حج اڏامن جي شروعات ٿي ويندي، ان وقت تائين سمنڊ پار پاڪستاني به پهچي ويندا، انهن کي به هدايتون آهن ته حج اڏام کان اڳ جڏهن پنهنجي لاڳاپيل حاجي ڪيمپ ۾ ويڪسينيشن لاءِ ويندا ته ان وقت حاجي ڪيمپن ۾ تربيتي سيشن مان فائدو کڻي سگهندا.