اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن ڳالهين سان ئي مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ ويهڻ کان اِنڪار ڪيو آهي ته هي هڪ حاصل نه ٿيندڙ مشق آهي، ڳالهين جا رستا بند ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڳالهين جو رستو بند ڪرڻ جمهوريت جي روح جي خلاف آهي.