اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪ چين هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي توثيق ڪئي جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو سنگ بنياد آهي. ملاقات دوران هن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هي هڪ اهم منصوبو آهي جنهن جو مقصد اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ آهي. ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۽ پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چيني سفير چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پاران نائب وزيراعظم کي 18 فيبروري تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي پروگرام ”گهڻ رخي، سڌارن ۽ عالمي نظم ۽ ضبط ۾ بهتري“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ڊگهي مدي واري تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏيندي دعوت قبول ڪئي.