اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح/ رات جي وقت شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته شام/ رات جي وقت ۾ مٿاهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن سان هلڪي برسات/ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 12، گوپس، اسڪردو ۾ ڪاٽو 10، استور ۾ ڪاٽو 09، هنزه، گلگت، بگروٽ، ڪالام ۾ ڪاٽو 05 ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.