ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته روس جي سفير جي ڳالهين مان اندازو ٿيو آهي ته روس پاڪستان سان بهترين تعلق ۽ موجوده معاشي حالتن ۾ دوستي جو ثبوت ڏيڻ چاهي ٿو. هن اها ڳالهه گورنر هائوس ۾ روس جي سفير سان ملاقات بعد ڳالهائيندي چئي. گورنر سنڌ چيو ته مون روس جي سفير کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. روس جي سفير جي گورنر هائوس اچڻ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري روس جي سفير ۽ قونصل جنرل کي سنڌي ٽوپي ۽ شال تحفي طور پيش ڪئي. جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ روس جي سفير قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ٻوٽو پڻ لڳايو.