ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) سنڌ ڪابينا صوبي جي خراب روڊن جي تعمير لاءِ 6 ارب 63 ڪروڙ رپيا، ايم ڊي ڪيٽ جي ٻيهر ترتيب لاءِ آءِ بي اي سکر کي 232.14 ملين رپيا ۽ سنڌ جاب پورٽل جي بحالي لاءِ 232.14 ملين رپين سميت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ فيڪلٽي ميمبرن جي ڪانٽريڪٽ جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪابينا توانائي واري وزير ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۾ لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي فوتي ملازمن جي پگھارن ۽ ٻين بقايائن جي ادائيگي لاءِ 81.9 ملين رپيا منظور ڪيا ويا جيڪي اڳ ئي سرپلس پول ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. ڪابينا ڄامشورو اليڪٽرڪچر پروگرام لاءِ 68.043 ملين رپيا ۽ فريئر هال ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ 40 لک رپين جي منظوري ڏني. وڏي وزير تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب تباهه ٿيل 8 روڊن جي بحاليءَ لاءِ 6.63 ارب رپين جي منظوري ڏني. هن هنگامي بنيادن تي انهن منصوبن سان لاڳاپيل ضروري شيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني. انهن روڊن ۾ 9/1 کان 3 ڪلوميٽر جوهي کان چني روڊ، 5 ڪلوميٽر جوهي روڊ، واهي پانڌي کان گولو فقير روڊ، 9 ڪلوميٽر بيڊ کان ميان نصير محمد ڪلهوڙو روڊ (ضلع دادو )، 27 ڪلوميٽر چيمبر کان ميرواهه واهه ويندي سنجھر چانگ روڊ، 17.6 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار روڊ، ٽنڊو آدم- شهدادپور روڊ ضلع سانگهڙ، 51 ڪلوميٽر جھرڪ ملاڪاتيار روڊ کان نوري آباد جھمپير فلاءِ اوور برج، ٽي ڪلوميٽر سجاول سٽي ڪيريج وي ۽ سانگهڙ چوٽياري روڊ سميت چوٽياري ڊيم اپروچ شامل آهن. منصوبي جي لاڳت 1.25 ارب رپيا آهي. ڪابينا آءِ بي اي سکر پاران ايم ڊي ڪيٽ امتحان ٻيهر وٺڻ لاءِ 232.14 ملين رپين جي منظوري ڏني جيڪا ايندڙ 6 هفتن ۾ ٿيندي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي سان گڏجي ويجيلنس ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. هن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ امتحاني بورڊ ايم ڊي ڪيٽ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ نتيجن جو اعلان ڪن. وڏي وزير چيو ته عدالتي حڪم موجب امتحان صوبي ۾ اڳ ئي سيکاريل نصاب جي بنياد تي ورتو ويندو. هن سال لاءِ گذريل سال جي تصديق تي غور نه ڪيو ويندو. هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سهڪار سان تبديل ٿيل ايم ڊي ڪيٽ جي بهتري کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا سنڌ جاب پورٽل قائم ڪرڻ لاءِ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعاون سان تيار ڪيل سنڌ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي تجويز جي منظوري ڏني. هي سينٽرلائيز آن لائن پليٽ فارم سڄي سنڌ ۾ صوبائي سرڪاري نوڪرين جي ڀرتي لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪو موجوده مينوئل پراسيس ۾ موجود خامين کي ختم ڪندو. سنڌ جاب پورٽل گريڊ 1 کان 15 جي پوسٽن لاءِ درخواستن کي محفوظ ۽ صارف دوست سسٽم فراهم ڪندو. پورٽل ۾ آٽو ايپليڪيشن جمع ڪرائڻ، ٽريڪنگ جي صلاحيتن ۽ ريئل ٽائيم ڊيٽا اينالائيٽڪس شامل هوندا. اهو انهن درخواستن گذارن لاءِ پڻ هوندو جن سنڌ ٽيسٽنگ سروس جا امتحان پاس ڪيا آهن. اي ڊبليو ايس ڪلائوڊ ٽيڪنالوجي سان هلندڙ هڪ اسپيبلبل مائڪرو سروسز آرڪيٽيڪچر تي ٺهيل، سنڌ جاب پورٽل هڪ صارف دوست انٽرفيس، انتظامي ٽولز ۽ صارف جي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مضبوط حفاظتي خاصيت رکي ٿو. صوبائي ڪابينا سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 تحت سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪائونسل سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميمبرن تي ٻڌل هوندي جيڪي مجموعي طور تي 25 کان وڌيڪ نه هوندا جن کي حڪومت ٽن سالن جي عرصي لاءِ مقرر ڪندي. وڏو وزير چيئرپرسن جي حيثيت سان ڪم ڪندو يا ڪردارن لاءِ ڪنهن ٻئي شخص کي مقرر ڪندو، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ واري کاتي جو انچارج صوبائي وزير هوندو جيڪو نائب چيئرپرسن طور ڪم ڪندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ موسمياتي تبديلي پاليسي 2022ع تي عملدرآمد ڪري ان جو فريم ورڪ ۽ ايڪشن پلان تيار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جو کاتو اضافي اسٽاف کي ڀرتي ڪري ڊائريڪٽر جنرل آف ڪلائيميٽ چينج کي اپ گريڊ ڪرڻ جي عمل ۾ آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي وچ ۾ اي-اسٽيمپنگ سسٽم تي عملدرآمد، آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ سروس ليول جو معاهدو ڪيو ويو آهي. اهو معاهدو ٽن سالن لاءِ 4 آڪٽوبر 2021 کان 3 آڪٽوبر 2024 تائين 48 ملين رپين جي سالياني سروس چارج تي عملدرآمد لاءِ آهي. ڪابينا پي آءِ ٽي بي جي سروس جو مدو وڌيڪ 6 مهينن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن دوران صوبائي انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتو اي-اسٽيمپنگ سسٽم کي هلائڻ جي صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪندو. ڪابينا انٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز (آءِ ايڇ ايس) جي سهولتن لاءِ سيلريز، نان سيلريز ۽ ٻين بقايائن لاءِ 425.713 ملين رپين جي منظوري ڏني، جيڪي صحت کاتي خانگي ڀائيوارن کان ورتيون آهن. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته رقم جي تصديق لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ بيسڪ ۽ ڪلينڪل ميڊيڪل سائنسز جا 15 فيڪلٽي ميمبر هن وقت ڪانٽريڪٽ تي آهن ۽ انهن جا ڪانٽريڪٽ هلندڙ مهيني ختم ٿيڻ وارا آهن. وڏي وزير انهن ٽيچنگ فيڪلٽي جي ڪانٽريڪٽ ۾ ڇهن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ڇهن مهينن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي اضافي فيڪلٽي ميمبر ڀرتي ڪري. واضح رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 28 بيسڪ ميڊيڪل سائنسز ۽ 35 ڪلينڪل سائنسز سميت 64 ٽيچنگ فيڪلٽي ميمبرن جون پوسٽون موڪليون ويون آهن. ان کان علاوه خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ گريڊ 1 کان 4 تائين 105 پوسٽون آهن پر هن وقت فقط 48 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 57 پوسٽون خالي آهن. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ضروري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ملازمن جي ڀرتي واري ڪم کي اڳتي وڌائي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اهي 57 خالي جايون ڀرڻ سان 26.7 ملين رپين جو مالي بار پوندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صحت کاتي هڪ چٽاڀيٽي عمل ذريعي 13 صحت جون سهولتون (5 سجاول ضلعي ۾ ۽ 8 ٺٽي ضلعي ۾) ميڊيڪل ايمرجنسي رزيلينس فائونڊيشن کي ڏنيون آهن. اهو معاهدو پنجن سالن لاءِ هو ۽ 19 مارچ 2015ع تي صحيحيون ڪيون ويون هيون، جنهن دوران سجاول ضلعي جي پنجن صحت جي سهولتن جو انتظامي ۽ مالي ڪنٽرول پرائيويٽ پارٽنر کان واپس صحت کاتي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ٺٽي ۾ 8 سهولتون ڄامشورو جي لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز حوالي ڪيون وينديون جنهن ٺٽي ۾ پنهنجو ڪاليج قائم ڪيو آهي. لمس ٽيچنگ اسپتال جي بحاليءَ لاءِ ڪابينا موجوده پرائيويٽ پارٽنر سان معاهدي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن سان لمس کي سهولتون وٺڻ لاءِ وقت ملندو.