ڪراچي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي سي سي آءِ جي وفد سان ملاقات ۾ چيو آهي ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ آمدنيءَ ڪمائيندڙ شهر آهي ڇاڪاڻ ته حڪومت واپارين کي ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪيا آهن پر ان ڳالهه کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ڪراچي جو قومي ناڻي لاءِ سڀ کان وڌيڪ آمدنيءَ جو ڪريڊٽ نه رڳو واپارين کي پر سنڌ حڪومت کي به وڃي ٿو، جنهن صنعت ۽ واپار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو. هو رڳو اهو چاهين ٿا ته واپاري برادري ڪراچي کي ملڪ جي پرامن ۽ ڪاروبار دوست شهر طور پيش ڪري. ڪي سي سي آءِ جي وفد ۾ جاويد بلواڻي، ميان ابرار، اي ڪيو خليل، ضياءُ العارفين، ميان فيصل ۽ ٻيا شامل هئا.ڪي سي سي آءِ جي وفد گيس جي کوٽ، مهانگي بجلي، پاڻي، ٽٽل رستن، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين مسئلن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل وزيرن مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته سندس صوبائي حڪومت بجلي سستي ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جيتري قدر گئس جي کوٽ جو تعلق آهي ته هو وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ته سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس سنڌ جي صنعتن کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن گهريلو ۽ صنعتي صارفين جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي آهي پر ٽريفڪ مسئلن جي حل لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وئي آهي. شرجيل ميمڻ ڪي سي سي آءِ جي ميمبرن کي اليڪٽرڪ بسن ۽ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن ان سلسلي ۾ رعايتون ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير، سينيئر وزير کي چيو ته هو ذاتي طور ڪي سي سي آءِ جو دورو ڪري کيس ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏئي. گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته پوليس ۽ واپاري برادري وچ ۾ رابطا قائم ٿي ويا آهن. امن امان سان لاڳاپيل واپارين جا سمورا مسئلا سندن مشاورت سان حل ڪيا پيا وڃن. هن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ڪي سي سي آءِ ۽ ٻين ڪاروباري تنظيمن سان وڌيڪ رابطو ڪري انهن جا مسئلا حل ڪن. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪي سي سي آءِ وفد کي ٻڌايو ته حڪومت صنعتي مقصدن لاءِ پاڻي جي فراهمي جا منصوبا شروع ڪيا آهن. ابراهيم حيدري ۾ سالٽ واٽر ڊسيلينيشن پلانٽ لڳايو پيو وڃي جڏهن ته صنعتي مقصدن لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو به منظوري جي مرحلي ۾ آهي. سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ يقين ڏياريو ته وڌندڙ دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ جناح، سول ۽ ٻين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي گنجائش وڌائي ويندي. ملاقات جي پڄاڻي تي وڏي وزير ۽ ڪي سي سي آءِ جي وفد حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پهريون ۽ ترجيحي ڪيس عدالت ۾ انفراسٽرڪچر سيس وارو آهي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مسئلو حل ڪيو ويندو ته جيئن عدالت ۾ جمع ڪيل رقم شهر جي انفراسٽرڪچر جي ترقي تي خرچ ڪري سگهجي. مرتضيٰ وهاب چيو ته واٽر چارجز جا 72 ارب رپيا واپاري برادري تي واجب الادا آهن جنهن تي ڪي سي سي آءِ جي وفد ۽ ميئر وچ ۾ معاملن کي صلح ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام اڪرام ڌاريجو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري توانائي، چيئرمين پي اينڊ ڊي، وڏو وزير جو سيڪريٽري، سيڪريٽري صنعت، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، سيڪريٽري صحت ۽ ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو شرڪت ڪئي.