بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني ساخته اليڪٽرڪ گاڏين تي تمام گھڻو ٽيڪس لڳائڻ جي يورپي يونين جي فيصلي خلاف چين ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق چين جي واپار واري وزارت چيو آھي ته چيني ساخته اليڪٽرڪ گاڏين تي تمام گھڻو ٽيڪس لڳائڻ جي يورپي يونين جي فيصلي تي چين ورلڊٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي اهي. اڱاري ڏينھن 35 سيڪڙو تائين اضافي ٽيڪسن جي اعلان تي يورپي يونين جي قدمن کي جرمني ۽ ھنگري جي مخالفت کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ٻئي پاسي برسلز جي فيصلي تي تنقيد ڪندي واپار واري وزارت چيو آهي ته ھن ان ٽيڪس خلاف عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) جي تڪرارن کي منھن ڏيڻ جي طريقيڪار تحت شڪايت داخل ڪرائي آھي. چين پنھنجي ڪمپنين جي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. يورپي يونين جي واپار واري سربراهه ٻڌايو ته نئين لاڳو ٿيل ڊيوٽيز چين مان اليڪٽرڪ گاڏين جي امپورٽ تي پھرين 10 سيڪڙو کان مٿي لاڳو ٿيندي جيڪا ڪالھه کان عمل ۾ آندي وئي وئي آھي، اھو ٽيرف ايندڙ پنجن سالن تائين جاري رھندو. اضافي ڊيوٽي مختلف قيمتن تي، پرڏيھي ملڪن جي گروپ چين ۾ ٺھندڙ گاڏين تي پڻ لاڳو ٿيندي آھي، جنھن کي 7.8 سيڪڙو ٽيرف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. چين جي ڪار ڪمپني گيلي جو ملڪ ۾ اي ويز سڀ کان وڏو وڪرو ٿيندڙن مان ھڪ آھي ان تي 18.8 سيڪڙو اضافي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي. جڏھن ته ايس اي آءِ سي کي سڀ کان وڌيڪ 35.3 سيڪڙو ڊيوٽي ادا ڪرڻي پوندو.