هاڻي صنعت جو ڦيٿو ڦرندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-28 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي صنعت جو ڦيٿو ڦرندو، معيشت بهتر ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صنعتن واري کاتي جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ ۽ سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن لاءِ …

ڪراچي-28 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي صنعت جو ڦيٿو ڦرندو، معيشت بهتر ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صنعتن واري کاتي جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ ۽ سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن لاءِ جامع پلان تيار ڪري. وڏي وزير چيو ته سائيٽ ۽ اسمال انڊسٽريز کي خودمختيار ادارو هجڻ گهرجي پر اضافي نوڪريون، منصوبابندي جي کوٽ ۽ ڪمرشل منصوبن جي نه هجڻ سبب اهي مالي بحران جو شڪار آهن. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ملازمن جي گهڻي تعداد سبب سائيٽ لميٽيڊ پگهارن ۽ پينشن فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن وقت اداري ۾ 1315 ملازم ۽ 754 پينشنر آهن. پگهارن، پينشن، ملازمن جي رَهتن، قرضن ۽ ٻين خرچن جو ساليانو ڪاٿو 2 ارب 69 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڪل آمدني ٻه ارب رپيا ساليانو آهي. اداري کي 69 ڪروڙ، 29 لک، 57 هزار ۽ 861 رپين جو ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ صنعتون زبون حال آهن. 25-2024ع جي ترقياتي پروگرام تحت رکيل 84 ڪروڙ، 68 لک ۽ 90 هزار رپين جي رقم مسئلن جي حل لاءِ ڪافي نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله وڏي وزير کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ سوئي گيس جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هن چيو ته ايس ايس جي سي کيس يقين ڏياريو آهي ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ کي گئس جي فراهمي جو ڪاٿي جو پلان هڪ هفتي اندر ڏنو ويندو. صنعت واري وزير سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته سائيٽ جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 80 ڪروڙ رپين جي سالياني گرانٽ منظور ڪئي وڃي جڏهن ته آپريٽنگ ۽ مينٽيننس خرچن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ون ٽائم گرانٽ پڻ منظور ڪئي وڃي. وڏي وزير کي نوري آباد فيز 2 ۽ ڪوٽڙي سائيٽ جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ 2 ارب رپيا منظور ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي وئي. وڏي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن 2008ع کان 2014ع تائين ملازمن جي گهڻي تعداد سبب سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. ملازمن کي پگهارون، پينشن ۽ بقايا ڏيڻ لاءِ به پئسا ناهن. اداري ۾ 656 ملازم ۽ 268 پينشنرز آهن جڏهن ته 33 اڳوڻا ملازم اڃا تائين رَهتن جا منتظر آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمال انڊسٽريز ۾ 321 اضافي ملازم آهن جن جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي. اسمال انڊسٽريز جو ساليانو خرچ 93 ڪروڙ 48 لک 60 هزار رپيا آهن. جنهن مان 49 ڪروڙ 62 لک 30 هزار رپيا پگهارون، 20 ڪروڙ 77 لک 70 هزار رپيا پينشن جڏهن ته 23 ڪروڙ 8 لک 60 هزار رپيا ملازمن جون رهتُون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري صنعت وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2023-24 ۾ 91 ڪروڙ، 78 لک ۽ 50 هزار خرچ جي ڀيٽ ۾ 22 ڪروڙ، 93 لک ۽ 20 هزار رپين جي اوڳاڙي ٿي. اهڙي ريت اداري کي 50 ڪروڙ، 48 لک ۽ 60 هزار روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. وڏي وزير کي پگھارن ۽ پينشن لاءِ 40 ڪروڙن جي سالياني گرانٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. هن چيو ته سائيٽ ڪوٽڙي ۽ ناردرن بائي پاس ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي حالت به خراب آهي، بحالي لاءِ فنڊن جي ضرورت آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڪراچي، حيدرآباد، نصرپور، ڪشمور، موهن جي دڙي ۽ اسلام آباد ۾ قائم ڪيل تربيتي مرڪزن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي. صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام وڏي وزير کي 60 ڪروڙ رپين جي هڪ ڀيرو رليف پيڪيج جي درخواست ڪئي ته جيئن پگهارن ۽ پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هن چيو ته سالياني گرانٽ 40 ڪروڙ رپين مان وڌائي 60 ڪروڙ رپيا ڪئي وڃي. اداري ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي سگهجي ٿي. اجلاس دوران اسمال انڊسٽريز روهڙي، ناردرن بائي پاس ۽ سکر ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي تي به غور ويچار ڪيو ويو جنهن لاءِ هڪ ارب رپيا گهربل هوندا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سائٽ ڪورنگي (فيز 2)، نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، ايف بي ايريا ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، لانڍي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ۽ ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري سميت مختلف صنعتي علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا گهربل آهن. وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو مختلف سائيٽن ۽ ننڍين صنعتن لاءِ تفصيلي ترقياتي رٿائن ۽ الڳ امدادي پيڪيجز جا تفصيل جمع ڪرائين ته جيئن ضروري فيصلا ڪري سگهجن. ان دوران سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سائيٽن ۽ ننڍين صنعتن کي ٻيهر منظم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پروفيشنل بنيادن تي ڪم ڪري سگهن ۽ مالي طور مستحڪم ٿي سگهن. اجلاس ۾ صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صنعت ياسين شر، ايم ڊي سائيٽ غضنفر قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں