ڪراچي-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پوليو خلاف عالمي ڏينهن ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، ان حوالي سان عوام ۾ پوليو ويڪسينيشن بابت شعور اجاگر ڪيو وڃي. گورنر چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته عالمي تعاون انتهائي اهميت جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو خلاف عالمي ڀائيوار ادارن جو شڪر گذار آهي. .