ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي شهر لاءِ 75 ارب 63 ڪروڙ 90 لک رپين جي 162 منصوبن جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. شهر قائد تي 187 ارب 30 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ انهن منصوبن لاءِ 14 ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن ۽ ايندڙ سال تائين انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو هدف آهي ته جيئن انهن منصوبن تي بنا ڪنهن دير عمل شروع ڪري سگهجن. هن اهي هدايتون سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير ناصر شاهه، وڏي وزير کي ڪراچي لاءِ 178 ارب 30 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ترقياتي پروگرام ۾ صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام تحت 76 ارب، 95 ڪروڙ ۽ 20 لک رپين جا 988 منصوبا شامل آهن. پرڏيهي امداد پروگرام تحت 103 ارب، 5 ڪروڙ ۽ 10 لک رپين جا 6 وڏا منصوبا ٺاهيا ويندا جڏهن ته ضلعي ترقياتي پروگرام تحت 7 ارب 30 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا. انهن منصوبن مان هر هڪ 50 ڪروڙ رپيا يا ان کان وڌيڪ جا 87 وڏا منصوبا مالي سال 2024-25 جي ترقياتي پروگرام جو حصو آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 988 منصوبن مان 346 منصوبن جي مڪمل فنڊنگ ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته جون 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندا. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته 269 ارب 24 ڪروڙ 30 لک رپين جي 826 منصوبن تي ڪم جاري آهي، انهن منصوبن لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ 62 ارب، 14 ڪروڙ 90 لک رپيا رکيا ويا آهن. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته 75 ارب، 63 ڪروڙ ۽ 90 لک رپين جا 162 اهڙا منصوبا جن لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ 14 ارب 80 ڪروڙ ۽ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن، انهن جي منظوري ٿيڻي آهي جنهن تي وڏي وزير ، صوبائي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو انهن منصوبن جي منظوري جو عمل شروع ڪن ته جيئن ڪم شروع ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سالياني ترقياتي پروگرام جي 988 منصوبن جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 344 ارب، 88 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي جن لاءِ 76 ارب، 95 ڪروڙ ۽ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 242 ارب، 4 ڪروڙ ۽ 80 لک رپيا ايندڙ سال لاءِ رکي وئي آهي جنهن تي وڏي وزير صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته سمورن کاتن جي منصوبن لاءِ رکيل فنڊز کي استعمال ۾ آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ سال منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فنڊ ڏنا وڃن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 403 ارب 98 ڪروڙ ۽ 10 لک رپين جي 6 وڏن منصوبن لاءِ 103 ارب 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 363 ارب 63 ڪروڙ 60 لک رپيا ايندڙ سال رکيا ويا آهن. وڏن منصوبن جي تفصيل بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 63 ارب 95 ڪروڙ رپين جو ڪلڪ پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد ڪراچي ۾ لوڪل ڪائونسلن جي مالياتي اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، سٽي اموويبل پراپرٽي ٽيڪس سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي. ورلڊ بئنڪ ۽ اي آءِ آءِ بي جي سهڪار سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ گهڻ رخي سڌارن جي مقصد سان 16 ارب 70 ڪروڙ 80 لک رپين جي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو. ورلڊ بئنڪ جي مدد سان 16 ارب 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سوئيپ منصوبي جو مقصد ڪراچي ۾ ويسٽ ڊسپوزل سروسز کي بهتر بڻائڻ آهي. ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 56 ارب 18 ڪروڙ 90 لکن جي لاڳت سان بي آر ٽي يلو لائين منصوبو دائود چورنگي کان نمائش، لکي اسٽار ويندي ڪورنگي روڊ تعمير ڪيو پيو وڃي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 78 ارب 38 ڪروڙ 40 لک رپين جي لاڳت سان ٺاهيل بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي جو مقصد شهر ۾ بي آر ٽي بسن ذريعي ٽرانسپورٽ جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، اهي بسون ملير ڪينٽ کان ريگل چوڪ ويندي يونيورسٽي روڊ تائين هلنديون. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي 255 منصوبن لاءِ 14 ارب، 49 ڪروڙ، 86 لک ۽ 84 هزار رپيا هڪدم جاري ڪيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ هر هڪ جي لاڳت 5 ڪروڙ رپيا آهي ممڪن آهي ته موجوده مالي سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندا.