ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهبليٽيشن ترميمي بل 2024ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ترميمي بل تحت اداري جو انتظامي ڪنٽرول صحت کاتي کان معذور ماڻهن جي حقن بابت کاتي کي منتقل ڪيو ويو آهي. گورنر سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ اها هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فزيڪل ميڊيسن اينڊ ري هيبليٽيشن ادارو هاڻ معذور ماڻهن جي بهتر خدمت لاءِ نئين انتظامي ڍانچي تحت ڪم ڪندو.